پير اسماعيل مقام

پير اسماعيل مقام: تعلقي دادوءَ جي مشهور شهر پاٽ جي اوڀر- اتر ۾ جيڪو روڊ سيتا ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ روڊ تي هي قبرستان 270˚57' 32" ڊگريون اتر ڊگھائي ڦاڪ ۽ 670 52' 55" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هيءُ مقام پراڻي پاٽ جي دڙن تي ٺهيل آهي، جيڪا 14 صدي عيسوي يا ان کان به اڳ جي آهي. ڪجهه گهر دڙي تي اڏجي ويا آهن، دڙي تي ڪلر تمام گهڻو آهي. جنهنڪري قبرون ته لوڻاٺجي ويون آهن، پر گهر به ڪلراٺجي ويا آهن. پير اسماعيل ذات جو پنهور هو ۽ چيو وڃي ٿو ته قلندر لعل شهباز جو ساٿي هو. جلال سرخ پوش ۽ ٻيا سندس وٽ ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان جو مقبرو به دڙي تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو